سندريءَ جو قلعو

سندريءَ جو قلعو: سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ لکپت کان ٽيهه ميل ۽ علي پور کان ويهه ميل پري سندري جو قلعو هو، جتي ڪڇ جي حڪومت هڪ سرحدي چونڪي ٺهرائي ڇڏي هئي. ڪڇ جي حاڪم راءِ لاکي ۽ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهاري جبل واري جنگ لڳي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ ڏانهن ويندي رستي ۾ سندريءَ جي قلعي تي حملو ڪري اهو فتح ڪيو. ان فتح بابت مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان غلام شاهه، 28 آڪٽوبر 1762ع ۾ لشڪر ساڻ ڪري ڪڇ روانو ٿيو، ساڻس گڏ پونچو سيٺ پڻ هو، جنهن سان ڪڇ جي حاڪم گهڻي زيادتي ڪئي ۽ مٿس اهو الزام مڙهيائين ته پونچي سيٺ جا، راءِ لاکي جي ماءُ سان ناجائز تعلقات آهن. پونچي سيٺ انهيءَ ظلم جو فرياد ديوان گدو مل جي توسط سان ميان غلام شاهه تائين پهچايو ۽ ميان غلام شاهه هڪدم ڪڇ تي حملي لاءِ تيار ٿي ويو. ميان غلام شاهه ڪڇ ويندي رستي ۾ سندري جو قلعو فتح ڪيو ۽ اتي پنهنجي مضبوط چونڪي قائم ڪيائين.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو